سعيد ميمڻ

سعيد ميمڻ

سعيد ميمڻ

سعيد ميمڻ: سنڌ جي مشهور شاعر، سعيد ميمڻ ولد استاد مولوي بشير احمد ميمڻ، 8 نومبر 1968ع تي تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ عاقل ۾ جنم ورتو. هن سنڌي ادب ۾ خانگي طرح شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس مان 1990ع ۾ ايم. اي ڪئي، جڏهن ته پي. ٽي. اي ۽ بي. ايڊ جا ڪورس پڻ ڪيا اٿس. سعيد ميمڻ 1988ع کان پرائمري استاد طور تدريسي خدمتون ڏيئي رهيو آهي. سعيد ميمڻ جو شمار سنڌ جي ناليوارن شاعرن ۾ ٿئي ٿو. کيس شاعريءَ سان لڳاءُ ننڍپڻ کان ئي هو، مذهب جي موروثي اثر جي ڪري شاعريءَ جي شروعات مولودن لکڻ سان ڪيائين. 1988ع ۾ سندس پهـريـن وائـي عــبـرت مـئگـزن ۾ ڇـپـي، شـاعــريءَ ۾ سندس رهنمائي هاءِ اسڪول ٽيچر استاد محمد هارون بلوچ ۽ ناليواري شاعر آتش سنڌيءَ ڪئي. سعيد ميمڻ شاعريءَ جي لڳ ڀڳ سڀني صنفن تي لکيو آهي ۽ نثر ۾ به ڪهاڻيون، مضمون، خاڪا، ۽ مهاڳ لکيا اٿس. نئين ٽهيءَ ۾ سعيد ميمڻ جو غزل نهايت پختو آهي. سعيد ميمڻ جا ڇهه شعري مجموعا ڇپيل آهن، جن ۾: (1) نيڻ سفر ۾، (2) ڪاري بر ۾ چنڊ، (3) خواب- چارا، (4) درد جون آيتون، (5) اسانجو عشق اڻپورو ۽ (6) دل دنبورو شامل آهن. مظهر چاندئي جي مرتب ڪيل ڪتاب ’ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان‘ ۾ پڻ سعيد جي شاعري شامل آهي، جنهن جو مهاڳ قومي شاعر شيخ اياز لکيو آهي.سعيد ميمڻ زندگيءَ جو ڳچ عرصو لاڙڪاڻي ۾ رڪشا هلائي پنهنجو پيٽ گذر ڪندو رهيو. سعيد ميمڻ ڪيتري عرصي کان دماغي مرض ۾ مبتلا آهي، جنهنڪري کيس ڪيترا ڀيرا لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ جي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪرايو ويو آهي. هو ڏکين حالتن ۾ به بيماريءَ سان جھيڙيندو اچي. سندس شاعري ڪيترن فنڪارن ۽ فنڪارائن ڳائي آهي.سعيد ميمڻ جو 1990ع کان وٺي سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي شاخ سان تعلق رهيو آهي، جنهن جو هو ڪائونسلر، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي به رهيو آهي. کيس ڪينجھر رسالي ڪينجھر شاعر اوارڊ، سنڌي ادبي سنگت ڄام شوري، علڻ فقير اوارڊ ۽ سنڌي ادبي سنگت محرابپور، استاد محبوب جوکيو اوارڊ ڏنا آهن. ان کانسواءِ کيس استاد بخاري اوارڊ به ملي چڪو آهي. ناليواري شاعر سعيد ميمڻ 17 ڊسمبر 2016ع تي لاڏاڻو ڪيو.


لفظ سعيد ميمڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.11.04  عيسوي

سنڌ جي مشهور شاعر، سعيد ميمڻ ولد استاد مولوي بشير احمد ميمڻ، 8 نومبر 1968ع تي تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ عاقل ۾ جنم ورتو.


2016.12.17  عيسوي

ناليواري شاعر سعيد ميمڻ 17 ڊسمبر 2016ع تي لاڏاڻو ڪيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پرسرام ضياء
شاڪر محمد شاڪر
زاهد ڪنڀار
اٻوجهو الهه بخش
حاجي محمد يوسف ميمڻ
بشير منگي
آخوند عبدالرحمان چانڊيو
بشير سيتائي
ڀوَپوُتي
پندار
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون